لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ٻين صوبن جي شهرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ واري اسڪينڊل ۾ نوان انڪشاف ٿيا آهن، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز جي اڳواڻيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني ڪميٽي طرفان ڊي سي آفيس لاڙڪاڻو جي ڊوميسائيل برانچ ۾ جاچ دوران شهري شڪايتون کڻي پهتا ۽ عملدارن کان سخت پڇاڻو ڪيو. جاچ ڪاميٽي جي سربراهه قاضي شاھد پرويز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جعلي ڊوميسائيلز معاملي جي جاچ سنجيدگي سان ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته شروعاتي طور 3 شڪي ڊوميسائيلز ھٿ آيا آهن جن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ جاچ جو وقت وڌائيندي سڀاڻي به موجود رھڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته صوبي اندر 250 جعلي ڊوميسائيلز ٺھڻ جون شڪايتون مليون آهن، ماڻهن جون جعلي ڊوميسائيلز بابت شڪايتون غلط نه آهن. هن چيو آهي ته 80 سيڪڙو جاچ اسان پنهنجي طريقي سان ڪنداسين، 20 سيڪڙو جاچ ۾ عام ماڻهن جو سھڪار گهربل آهي، جاچ رپورٽ ۾ ذميوارن جو تعين ڪنداسين. هن چيو ته مستقبل ۾ جعلي ڊوميسائيلز جي پريڪٽس کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ ۽ نئين قانونسازي جون سفارشون به ڪنداسين. جاچ ڪاميٽي جي ميمبر صوبائي سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جعلي ڊوميسائيلز جي جاچ لاءِ بھتر طريقي ڪار جوڙيو آهي، جتي به شڪ جو اظهار ٿيندو اھو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان اڻ ڌري جاچ ڪري رهيا آهيون، جاچ ۾ انتظامي ڪمزورين کي به ڏٺو پيو وڃي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب واسڻ روبينا سوڌو 6 ڄڻن جا ڊوميسائيلز شڪي قرار ڏنا ويا آهن.چيف سيڪريٽري طرفان جوڙيل ڪميٽي سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل ٺهڻ جو اعتراف ڪندي رڳو لاڙڪاڻي ۾ 250 ڊوميسائيلز کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جاچ ڪميٽي سربراهه قاضي شاهد پرويز رڪارڊ جي جاچ پڙتال لاءِ ڊوميسائيل برانچ عملي سوڌو ڊي سي آفيس مان ڪمشنر لاڙڪاڻو جي آفيس منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به جعلي ڊوميسائيلز واري اسڪينڊل جي جاچ ڪئي ويندي، في الحال ٻن سالن جي رڪارڊ جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو آهي ته ڪوشش ڪئي ويندي ته هفتي اندر رپورٽ سفارشن سوڌو حڪومت آڏو پيش ڪئي وڃي، رپورٽ ۾ شهريت قانون ۾ خامين تي به تجويزون ڏنيون وينديون. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ٻن سالن دوران 21 هزار 199 ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا آهن، سنڌ سرڪار ضروري سمجهيو ته وفاقي حڪومت سان به رابطو ڪندي. هن کان اڳ جاچ ڪاميٽي جي سربراهه قاضي شاھد پرويز ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جعلي ڊوميسائيلز معاملي جي جاچ سنجيدگي سان ڪري رهيا آهيون.