سنڌ ۾ ٻارن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙن کي سختيءَ سان چٿيو ويندو: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ ٻارن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ وحشين کي سختيءَ سان چٿڻ جو واعدو ڪندي چيو آهي ته ننڍي عمر ۾ شادين جي حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، اين جي اوز جاڳرتا پيدا ڪن، پوليس ڀرپور سهڪار ڪندي. آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي سربراهيءَ ۾ اجلاس دوران صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته عوام ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وچ ۾ انساني حقن جي تحفظ جي حوالي سان جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته عوام جي خدمت، عورتن ۽ ٻارن خلاف مختلف ڏوهن جو خاتمي توڙي مسئلن جو ازالو پوليس جو ويزن آهي. عورتن ۽ ٻارن خلاف ڏوهن ۾ ملوث وحشي جوابدارن کي عوام ۽ سول سوسائٽي سان گڏجي چٿيو ويندو. اين جي اوز عورتون ۽ ٻارن جي حقن توڙي سندن تحفظ جي حوالي سان مسئلن کي اجاڳر ڪن، پوليس سندن ڀرپور ساٿ ڏيندي. اجلاس ۾ ننڍي عمر جي شادين جي حوالي سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ يچيو ته ننڍي عمر ۾ شادي ۽ اُن جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ صحت جهڙن مسئلن بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ تربيتي لٽريچر جي ضرورت آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو آهي ته وومين پروٽيڪشن سيل ۾ مختلف نوعيتن جون 3 هزار 282 شڪايتون مليون، جِن مان 10 سنڌ کان ٻاهر واريون هيون. مجموعي شڪايتن ۾ 3 هزار 134 جو ازالو ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *