سنڌ ۾ ينگ ڊاڪٽرز ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب،هڙتال ختم

ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ ينگ ڊاڪٽرز ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. سنڌ ۾ ٽن ڏينهن کان ينگ ڊاڪٽر پنهنجن مطالبن لاءِ هڙتال تي هئا. سنڌ حڪومت جي سڌُ سماءَ بابت صلاهڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب حڪومت ۽ ڊاڪٽرن وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي جو اڳتي لاءِ هڙتال نه ڪرڻي پوي. مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته سنڌ جي سڀني اسپتالن ۾ او پي ڊي کولي ويندي، ڊاڪٽرن کي ڏهه هزار رپيا وظيفو ڏنو ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽرن جو مطالبو هيو ته هنن جي پگھار پنجاب جي ڊاڪٽرن جي برابر ڪئي وڃي. صحت کاتي جو شعبو سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ اسان ڪوشش ڪئي آهي ته مسئلو ترت حل ڪري سگھون، ڊاڪٽرن به خاطري ڪرائي آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته 12 بدران 14 ڪلاڪ ڪم ڪنداسين. ينگ ڊاڪٽرز جي ترجمان ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اسان جا مطالبا قبول ڪيا آهن ۽ سڀاڻي کان او پي ڊي شروع ٿي ويندي. اسان جو حڪومت سان ورڪنگ رليشن شپ ٿي ويو آهي. ينگ ڊاڪٽرن جي احتجاج سبب اسپتالن جون سڀئي او پي ڊيز بند هيون جنهن سبب سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي سخت پريشاني سان منهن ڏيڻو پيو . ينگ ڊاڪٽرز جا مطالبا حق ۾ پيپلز پارٽي ميڊيڪل اسپتال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريل به ڪڍي وئي هئي. ريلي ۾ شريڪ ڊاڪٽرز مطالبن جي حق ۾ سخت نعريبازي ڪئي.سنڌ ۾ ينگ ڊاڪٽرز جو مطالبو آهي ته هنن جون پگھارون ۽ الائونس ٻين صوبن کان وڌيڪ ڪيا وڃن.لاڙڪاڻي ۾ به مطالبن جي حق ۾ ٽن ڏينهن تائين هڙتال جاري رهي ۽ سڀني سرڪاري اسپتالن جون او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال جي اڳڻ ۾ احتجاجي درڻو ڏنو ويو. ڊاڪٽرن جي غير موجودگي سبب پري پري کان آيل مريضن ۽ وارثن کي سخت پريشاني سان منهن ڏيڻو پيو. ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن لاڙڪاڻي پاران احتجاجي ريلي به ڪڍي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ليڊي ڊاڪٽرز شريڪ ٿيون. حيدر آباد ۾ به ينگ ڊاڪٽرز ٽن ڏينهن تائين هڙتال ڪئي ۽ سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو. ڊاڪٽرز سول اسپتال، ڀٽائي اسپتال ۽ قاسم آباد اسپتالن ۾ او پي ڊي بند ڪري ڇڏي ۽ سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرز سڀني شعبن کي تالا لڳائي ڇڏيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *