ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان/ بيورو رپورٽ)سنڌ ۾ وڌيڪ 54 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ صوبي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 986 ٿي ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ وڌيڪ نوان ڪيس مقامي سطح تي منتقلي سبب وڌي رهيا آهن،جنهن سبب ڪراچي ۾ متاثرن جو انگ 986 ٿي ويو ۽ پوري ملڪ ۾ متاثر ٿيندڙن جو انگ وڌي 4004 ٿي ويو آهي، ان کان علاوه ملڪ ۾ هن وقت تائين 55 ڄڻا فوت ٿي چُڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل مريضن جو مجموعي انگ 4 هزار 4 آهي، جڏهن ته 429 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 28 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. سنڌ ۾ 54 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ وڌي 986 ٿي ويو آهي. ڪنٽرول سينٽر موجب، رڳو 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 577 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته هن وقت تائين 39 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون ٽيسٽون به ڪيون ويون آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته هو ٽيسٽنگ جي صلاحيت ۾ تيزي سان اضافو ڪري رهيا آهن. هوڏانهن سنڌ ۾ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 986 آهي ۽ 253 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 17 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 2004 آهي ۽ 25 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 15 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 5 سئو آهي، 17 ڄڻا فوت ۽ 69 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن. گلگت بلتستان ۾ 211 ڄڻن کي ڪورنا وائرس جي تصديق ٿي آهي، 3 ڄڻا فوت ۽ 15 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن. بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 202 ۽ صحتياب ٿيل مريضن جو انگ 63 آهي، جڏهن ته هڪ ڄڻو فوت ٿي چڪو آهي. اسلام آباد ۾ 83 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصدق ٿي آهي، هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 ڄڻا صحتياب ٿيا آهن. جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 18 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ هڪ ڄڻو صحتياب ٿي چڪو آهي.