ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ ۾ وفاقي منصوبن لاءِ پبلڪ پارٽنرشپ اٿارٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار سان شديد اختلافن باوجود عوامي مفادن وارن منصوبن آڏو سياست رنڊڪ نه هوندي. ڪراچي ۾ گورنر عمران اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران وفاقي وزير اسد عمر، علي زيدي، آفتاب صديقي ۽ سنڌ ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ايس آءِ ڊي سي ايل ۽ ٽي سي جي اجلاس دوران سنڌ ۾ جاري توڙي نوَن منصوبن جي حوالي سان جائزو ورتو ويو. هُن چيو ته وفاقي وزير اسد عمر کي منصوبن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار جي نمائندي کي به آگاهه ڪيو اٿئون، جڏهن ته گرين لائين ۽ ڪي فور منصوبن تي سنڌ سرڪار جي مدد گهربل آهي، اُن لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه سان رابطو ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪراچي ۾ وفاقي منصوبن لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويندو، گرين لائين منصوبي لاءِ فنڊز مهيا ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ٻين منصوبن لاءِ به رکيل فنڊز مهيا ڪرڻ جا انتظام ڪري ورتا آهن. وزيراعظم ايندڙ مهيني ايندو ته اُن ۾ به وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي. ڪي فور منصوبي تي سنڌ سرڪار جي ڪميٽي سفارشون تيار ڪيون آهن، اُنهن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ منصوبي تي ڪم شروع ٿيندو. اُن موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ پبلڪ پارٽنرشپ تحت ڪم ڪرڻ وڃي رهي آهي، لياري ايڪسپريس وي تي ايڪسٽينشن ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي ڪم ڪيو آهي، نسٽ جو منصوبو ۽ سکر موٽروي تي 200 ارب جو منصوبو به جلد شروع ٿي ويندو. اسان پبلڪ پارٽنرشپ اٿارٽي ٺاهي آهي ۽ تڪڙي ڪم لاءِ ائين ڪرڻ لازمي هو. اسد عمر وڌيڪ چيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ سخت اختلاف آهن، تڏهن به عوامي مفادن لاءِ ڪم تي سياسي اڳيان نه ايندي، سنڌ سرڪار مان به اهڙي اُميد آهي.