سکر ( بيورو ) پ پ جي سينئر اڳواڻ مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته قانون وارو وفاقي وزير وزيراعظم عمران خان کي لاقانونيت پکيڙڻ جو مشورو ڏئي رهيو آهي، فروغ نسيم جي سنڌ ۾مداخلت جي مشوري سان ڏڦيڙ پيدا ٿيندو. هڪ بيان ۾ مولا بخش چانڊئي چيو ته وفاقي وزير ايم ڪيو ايم جي تباهي جو بدلو پاڪستان کان وٺڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان جو ايم ڪيو ايم جا نظريا اختيار ڪرڻ حڪومت جي تسلسل جو دليل آهي. سندس چوڻ هو ته نااهل وزيرن جي مشورن ۽ پاليسين حڪومت جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. مولابخش چانڊئي چيو ته حڪومت ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحران جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي مسئلن جو حل ڪڍي.