ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ۾ سختي، عمل شروع ٿي ويو، ڪراچي سوڌو مختلف شهرن ۾ ڪنٽينر لڳائي وڏا وڏا رستا بند ڪيا ويا، پوليس وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني، شهري پريشانين ۾ وٺجي ويا، ڪاروبار به مڪمل طور بند پيل آهي، سنڌ جي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ اڄ کان 3 ڏينهن تائين مڪمل لاڪ ڊائون هوندو، منجهند 3 وڳي تائين هر قسم جي ڪاروباري سرگرمين تي پابندي هوندي، سنڌ جي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون ۾ چئن ڏينهن جي نرمي بعد اڄ جمعي جي ڏينهن صوبي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اڄ صبح کان هر قسم جو ڪاروبار بند هوندو، جڏهن ته، ميڊيڪل اسٽور، سبزي ۽ کير جا دڪان به ٽي وڳي تائين بند رکيا ويندا. واضح رهي ته سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون ۾ 4 ڏينهن نرمي ۽ 3 ڏينهن سختي جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو، ڪراچي جي مختلف وڏن رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا، يوم علي جي موقعي تي جلوس نڪرڻ ۽ ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ۾ سختي ڪئي وئي آهي، رستا بند ٿيڻ سبب شهري فٽ پاٿن تي موٽرسائيڪلون ڪراس ڪري پنهنجي منزل طرف وڃڻ لڳا، شهرين جو چوڻ هو ته اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، ڪو ايمرجنسي ۾ ڪيڏانهن وڃي ٿو، ڊيوٽين تي به وڃون ٿا، گاڏيون پهريان ئي بند آهن، سخت پريشان آهيون، حڪومت جي اعلان بعد صوبي ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند پيل آهي.