سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 8 ڏهاڙا گذري ويا، غريب بک مرڻ لڳا، پورهيتن جو صبر ختم، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ اٺين ڏينهن به ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند آهي، روز ڪمائي کائڻ وارن جي گهرن ۾ راشن ۽ عام واهپي جون شيون نه هجڻ ڪري ٻارن ٻچن سميت بکون ڪاٽڻ لڳا آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٻهراڙين وارن علائقن سميت سيوهڻ، دادو، مٽياري ۽ ٻين شهرن ۾ غريبن، مسڪينن ۽ مستحقين ماڻهن کي هن وقت تائين سنڌ حڪومت پاران اعلانيل راشن نه ملي سگهيو. نواب شاهه، ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور، مٺياڻي، غوثپور، ڪوٽ لالو، راڻيپور ۽ ٻين شهرن ۾ به پورهيتن ۽ ضرورتمندن جي چونڊيل نمائيندن، چيئرمينز توڙي وائيس چيئرمينز ۽ ڪائونسلرن سار نه لڌي. ڀان سيد آباد، سانگهڙ، ڪي اين شاهه، ميهڙ، لاڙڪاڻو، پنو عاقل، ٽنڊو محمد خان، گڊو، نصير آباد ۽ سکر سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار بند هجڻ ڪري پورهيت طبقو پيڙهجي ويو. ڪراچي کان ڪشمور تائين پورهيتن، غريبن ۽ مسڪين ماڻهن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت حڪومت پاران سار نه لهڻ ۽ پنهجا نواز پاليسي خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هاڻي ڪورونا وائرس جو ڊپ ئي ختم ٿي ويو، اسان هن ۾خوف مبتلا ٿي ويا آهيون ته ڪٿي بک وگهي اسان ۽ اسان جا ٻارڙا مري نه وڃو، فوري طورتي راشن ۽ زندگيون جون ضروري شيون ڏئي حياتيون بچايون وڃن. لاڪ ڊائون جي اٺين ڏينهن به هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪريانه، ڏهي، کير، ميوه، ميڊيڪل اسٽورز جا دڪان کليل آهن، پوليس ۽ رينجرز جو شهرن ۾ گشت جاري آهي ۽ شھري گھرن تائين محدودآهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *