سنڌ ۾ عوامي هنڌن تي گند اڇلائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي (م ڊ) سنڌ سرڪار ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ گهرن ٻاهران گند اڇلائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.  گهرو سيڪريٽري ڊاڪٽر قاضي شاهد پرويز طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ واٽر ڪميشن جي نوٽيس تي گهرو کاتي عوامي هنڌن، بازارن، روڊن ۽ فلاحي پلاٽن تي گند اڇلائڻ تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري ادارن طرفان مخصوص ڪيل هنڌن کانسواءِ گند اڇلائڻ ۽ گند کي باهه لڳائيندڙن خلاف قلم 144 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هر هنڌ اڇلايل گند ماحولياتي آلودگي ۽ بيمارين جو سبب بڻجندو آهي ۽ اهو ماحولياتي تحفظ جي به سنگين ڀڃڪڙي آهي. ٻئي طرف حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڊمپنگ پوائنٽس نه هئڻ سبب نوٽيفڪيشن پوليس جي ٻڌ ڇوڙ جو ذريعي بڻجڻ جو امڪان آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *