اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ شراب جي وڪري تي پابندي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو عبوري طور معطل ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ شراب جي پابندي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران شراب جي قانوني واپارين طرفان موقف اختيار ڪيو وي ته فيصلو صادر ڪرڻ کان اڳ هاءِ ڪورٽ اسان جو موقف ئي نه ٻڌو. جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته شراب جي ريگوليشن هاءِ ڪورٽ جو ڪم ناهي جيڪڏهن ڪو قانون تي عمل نٿو ڪري ته پوليس جو ڪم آهي ته اها ڪارروائي ڪري. سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ شراب جي وڪري تي پابندي جو فيصلو عبوري طور معطل ڪندي ٻڌڻي 3 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. درخواست جي ايندڙ ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪندي.