اسلام آباد(بيورو) ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز تخريبڪارن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ڪارروائي دوران ۵۱ دهشتگرن مارجي ويا آهن. سنڌ رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز سان مقابلي ۾ هڪ ڪلاڪ دوران ۱۸ دهشتگردن کي ماريو ويو. ڪراچي ۾ منگهو پير جي علائقي زيارت ۾ سرچ آپريشن دوران دهشتگرن جي ٺڪاڻن تي ڇاپا هڻي ڪارروائي دوران ۱۱ دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته مقابلي ۾ ۲ اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا آهن. دهشتگردن جي قبضي مان آٽوميٽڪ مشين گن ۽ وڏي انگ ۾ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. رينجرز جي ترجمان مطابق سيڪيورٽي اهلڪارن جو قافلو سيوهڻ ۾ امدادي ڪارروايون ڪري واپس اچي رهيو هو ته ڪاٺوڙ جي ويجهو دهشتگردن قافلي تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ ۷ دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته وڌيڪ نفري ڪاٺوڙ رواني ڪئي وئي آهي. اورڪزئي ايجنسي جي علائقي غلوچينا ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگرن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ٦ دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته پشاور جي علائقي ريگي ۾ سرچ آپريشن دوران دهشتگردن فورسز تي حملو ڪيو، جوابي ڪارروائي ۾ ۳ دهشتگرد مارجي ويا. هوڏانهن خبير ايجنسي ۾ پاڪستاني چوڪي تي افغانستان کان دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي فورسز دشمنن کي موٽ ۾ ڀرپور جواب ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب افغانستان مان دهشتگردن خيبر ايجنسي ۾ پاڪستاني چوڪي تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ۲ اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ۽ زخمي ٿي پيا. خيبر ايجنسي جي علائقي لوئي شلمان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي دوران ٦ دهشتگرد مارجي ويا. بنون ۾ ٿاڻي بگا خيل جي علائقي مروت ڪينال ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ۴ دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، افغاني ۽ عراقي ڪرنسي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. اورڪزئي ايجنسي ۾ به چيڪ پوسٽ ويجهو بم فٽ ڪندڙ ۲ تخريب ڪارن کي سيڪيورٽي فورسز ماري ڇڏيو. اپر دير ۾ به سيڪيورٽي فوسز سان مقابلي ۾ ۲ دهشتگرد مارجي ويا. گذريل ڏينهن ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس موبائل تي فائرنگ ڪندڙ ۲ دهشتگرد ناڪي تي سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ مارجي ويا هڪ دهشتگرد زخمي ٿي پيو جنهن کي ساٿي کڻي فرار ٿي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ۲ دستي بم ۽ هڪ پستول هٿ ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن دهشتگردن ڊيرا اسماعيل ۾ پوليس وين تي فائرنگ ڪري ۴ اهلڪارن سميت ۵ ماڻهن کي ماري وڌو هو. لاهور ۾ فيصل آباد باءِ پاس ويجهو ريڊ دوران دهشتگردن سيڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ۲ دهشتگرد مارجي ويا، جن جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. سرگوڌا ۾ به پوليس ۽ سينٽرل ٽيرازم ڊپارٽمينٽ ڪارروائي ڪري ۲ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار پڻ هٿا ڪيا ويا آهي. ڪوئيٽا جي علائقي درخشان اسڪيم ۾ ايف سي ۽ پوليس دهشتگردن جي ڪمپائونڊ تي ڇاپو هنيو ته دهشتگردن فورسز تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ٻه ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيا جوابي فائرنگ ۾ ۲ دهشتگرد مارجي ويا جن وٽان وڏي انگ ۾ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي.