سنڌ ۾ سردارن،جنونين جي ڏاڍ آڏو قانون بي وس آهيانساني حقن جا اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن چيو آهي ته سنڌ ۾ هيڻن جو جياپو ڏکيو ٿي پيو آهي، وڏيرن، سردارن ۽ جنونين جي ڏاڍ آڏو قانون بيوس آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ڏينهن تائين  ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر، صحافي نصرالله گڏاڻي، جان محمد مهر، ناظم جوکيو ۽ فاطمه ڦرڙو سميت ڪيترن ئي بيگناهن جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ مختلف سماجي تنظيمن پاران انساني حقن جي ڏهاڙي جي حوالي ڪوٺايل تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي انساني حقن جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته انساني حقن بابت وڌيڪ سجاڳي پيدا ڪرڻ سان گڏ ويڙھاند ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھتي ته جياپو ڏکيو ٿي پيو آھي. طاقتور قوتون انساني زندگين کي مشڪل بڻائي رھيون آھن. اسان کي ان ڏاڍ ۽ جبر کي روڪڻو پوندو. ھن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جا ھڏ گڏ ڀڃي بيدردي سان عدالت کان مٿاھون قتل ڪيو ويو. اسان کي اھڙي سنڌ نه پر اھا سنڌ گھرجي جتي ھر شھري عزت ۽ وقار سان زندگي گذاري سگھي. سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ نظير قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ جي انساني حقن بابت جوڙيل قانونن تي عمل ٿيڻ گھرجي، ناظم جوکيو جي خون سان انصاف نٿو ٿئي. فاطمه ڦررو جا قاتل پڪڙ کان آجا آهن. نوجوانن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو رت ڏسي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا. حڪومتون ۽ رياست انهن کي انصاف ڪڏهن ڏيندي. سماجي اڳواڻ ڪاشف بجير چيو ته انساني حقن واري تحريڪ سنڌ ۾ ان حد تائين سگھاري ٿي آھي جو ھڪ وڊيو باھه لڳائي ڇڏي ٿي. سنڌ حڪومت قانونسازي ۾ اڳڀري آھي، پر ان تي عمل نٿو ٿئي. نتيجي ۾ قانون سازي جو ثمر نه ٿو ملي. اڳوڻي ايم پي اي پ پ اڳواڻ فرحين مغل چيو ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڳالھه ڄڻ خواب بڻيل آھي پاڪستان ۾ سنڌ رواداري جو اھڃاڻ ھئي، پر سوچيو به نه ھو ته ان سنڌ ۾ ڊاڪٽر شاھنواز جو عدالت کان مٿاهون قتل ڪيو ويندو، سنڌ ۾ حالتون بدترين آھن. ناظم جوکيو جو قتل ٿيو، جان محمد مھر کي شھيد ڪيو ويو، نصرالله گڏاڻي پنھنجي زندگي وڃائي ويٺو. سنڌ سورن ۾ آھي اسان کي عمل ۽ جدوجھد ذريعي سنڌ ۾ انساني حقن جي حفاظت ڪرڻي پوندي. ھن چيو ته درياھه تي ڌاڙو به انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي. سماجي اڳواڻ بنسي مالھي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي ڏکوئيندڙ قتل تي ردعمل ڏئي سنڌ پنھنجي رواداري واري روايت کي برقرار رکيو آھي. شهناز صديق راھو چيو ته اسين شھيد فاضل راھو جي فڪر جا پوئلڳ آھيون. ھن سچ جي ڳالھه ڪئي ھئي ۽ سنڌ  کي سچ جي واٽ تي ھلي بچائي سگھجي ٿو. سماجي اڳواڻ ماروي اعواڻ چيو ته سنڌ ۾ انساني حق ھيڻن ماڻھن کي نه ٿا ملن، ڪتابن ۾ ته قانون موجود آھن، پر ان تي عمل نٿو ٿئي، عائشه عمران چيو ته عورتن جي حقن کانسواءِ انساني حقن جو ملڻ ناممڪن آھي. ان موقعي تي آءِ ٽي ايڪسپرٽ نبيلا مغل ۽ ڪاشف صديقي خطاب ڪيو. جڏهن ته ساجده چانڊيو پنھنجو لکيل قومي گيت ٻڌايو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *