ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ حڪومتي ايس او پيز جي ڀڃڪڙيءَ تي انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي، زينب مارڪيٽ، مدينه مال، گل پلازه ۽ ارحم شاپنگ سينٽر کي سيل ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ڪورونا جا ڪيس وڌيا ته ٻيهر لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. صدر جي علائقي زينب مارڪيٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي ته دڪاندارن مزاحمت ڪئي. پوليس دڪاندارن کي ڇرو ڇڙ ڪري ٻنهي مارڪيٽس کي تالا لڳائي ڇڏيا. ايم اي جناح روڊ تي قائم گل پلازه سنيٽر ۽ ارحم شاپنگ سينٽر کي به ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ خلاف انتظاميه سيل ڪري ڇڏيو. اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ خلاف ڪارروائي دوران طارق روڊ تي به چئن دڪانن کي سيل ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ تي ڳڻتي آهي. هن چيو آهي ته شهري سماجي وٿي نه پيا رکن، ايس او پيز تي عمل نه ٿي رهيو آهي. ناصر شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيس وڌيا ته ٻيهر اسان کي لاڪ ڊائون طرف وڃڻو پوندو. ٻئي پاسي سنڌ ۾ حفاظتي پابندين جي ڀڃڪڙي خلاف نئون قانون لاڳو ڪيو ويو آهي. ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي رڪارڊ 10 لک روپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. سنڌ جي گورنر وبائي مرضن جي ترميمي آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي.