سنڌ ۾ جيل هونئن ئي  ڀرجڻ وارا آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته امير ۽ غريب ماڻهن لاءِ الڳ الڳ انصاف نه هئڻ گهرجي،  جڏهن ته جج روايتي سوچ ۾ پيل آهن. اسلام آباد ۾ بار ايسوسيئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته عدالتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، جيڪا حڪومت اهو سمجهي ته عدالت کانسواءِ سڌارا ٿي سگهن ٿا ته ايئن ممڪن ناهي، عدالتي نظام ۾ سڌارا ٿيندا ته عام ماڻهن کي فائدو ٿيندو، اسلام آباد ۾ به ماڻهو وڏن عهدن تي رهيا پر هو پنهنجي گهرن کي ئي خوبصورت بڻائيندا رهيا بار طرف ڪنهن ڌيان نه ڏنو، پاڪستان جون حالتون بهتري طرف وڃي رهيون آهن، پاڪستان جي هر طبقي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجو رت ڏنو، وڪيلن به دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن.  هن چيو ته وڪيلن به دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن،  هال جو نالو شهيدن جي نالي تي رکڻ تي وڪيلن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.  سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ امير لاءِ جيل فائيو اسٽار هوٽل جڏهن ته غريبن لي گهر به جيل آهي، وزيراعظم هائوس کي ايڏي وڏي هنڌ تي ٺاهيو ويو آهي، 11 سئو ڪنال تي قائم وزيراعظم هائوس کي گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه تي اعتراض ڪيو ويندو آهي، امير ۽ غريب ماڻهو لاءِ الڳ الڳ انصاف نه هئڻ گهرجي،  جج به روايتي سوچ ۾ ڦاٿل آهن.  فواد چوڌري چيو ته اسان ۾ به خاميون هونديون پر وزيراعظم عمران خان جي نيت تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي،  وزيراعظم نيڪ ماڻهو آهي، سندس دل عوام لاءِ ڌڙڪي ٿي،  هن وقت عمران خان کان وڌيڪ بهتر شخص اسان کي نه ٿو ملي سگهي، اسان سمورن بحرانن تي ڪنٽرول ڪنداسين، تحريڪ انصاف جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي ملڪ ۾ واضح فرق نظر ايندو.  هن چيو ته اڃا تائين تحريڪ انصاف حڪومت جو ڪو به اسڪينڊل سامهون نه آيو آهي، ناڻي به حيران آهي ته ستن مهينن ۾ ڪنهن ڦريو ئي ناهي.  سندس چوڻ هو ته ڪرپشن روڪڻ تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، انتقامي سياست جي ڳالهه ڪندڙ رڳو الزام هڻي رهيا آهن، ن ليگ ۽ پ پ هڪ ٻئي تي ڪيس ٺاهيا، بلاول چوي ٿو ته جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون، سنڌ ۾ ته تحريڪ جي ضرورت ناهي هونئن ئي جيل ڀرجڻ وارا آهن، لڳي ٿو ته سنڌ جي قيادت پاڻ ئي جيلن ۾ اچي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *