سنڌ ۾ توانائي بحران هٿرادو پيدا ڪيل آهي، ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين: وڏو وزير

June 1, 2017 at 7:13 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

نوري آباد (م ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پهرين رمضان تي سنڌ جا 13 ضلعا اونداهه ۾ هئا، ن ليگ کي سنڌ ۾ احتجاج نظر نٿو اچي. نوري آباد ۾ گئس تي هلندڙ 100 ميگا واٽ پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ توانائي جو بحران هٿرادو پيدا ڪيل آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ هنگامي قدم کنيا آهن، پاور پلانٽ سان ڪراچي ۾ شارٽ فال گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سنڌ سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين، حيڪسو پنهنجو نظام درست ڪري غريبن کي بجلي ڏئي. پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب ۾ بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪئي.27

اي پيپر