سنڌ ۾ تعليم کاتي ڊجيٽل ڪلاسز ذريعي تعليم ڏيڻ لاءِ ايپ لانچ ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ تعليم کاتي ڊجيٽل ڪلاسز ذريعي تعليم ڏيڻ لاءِ ايپ لانچ ڪري ڇڏي، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ لانچ ٿيل ايپ ذريعي ٻار موبائيل، ٽيبليٽ ۽ ڪمپيوٽرز تي تعليم پرائي سگهن ٿا. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو آهي ته جِن شاگردن وٽ انٽرنيٽ نه آهي، اُنهن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ موبائيل ڪمپنيز سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو آهي ته ڪيبل تي تعليم جو هڪ چئنل آڻڻ ۽ ايف ايم ريڊيو ذريعي تعليم ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سعيد غني چيو آهي ته تعليم کاتي جي ايپ ۾ في الحال اردو، انگريزي، حساب ۽ سائنس جا چار سبجيٽ شامل آهن، ٻين مضمونن کي شامل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي. صوبائي وزير چيو آهي ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ تعليم کاتي پاران استادن کي تربيت ڏني پئي وڃي ته جيئن ڊجيٽل ڪلاس رومز هلي سگهن ۽ ڪي جي کان پنجين تائين نصاب تيار ڪيو ويو آهي. سوالن جي جواب ۾ سعيد غني چيو آهي ته جڏھن ڪير اسانجي ڳالهه سمجهي ئي نٿو ته پوءِ ذاتي راءِ اها آهي ته سڀ ڪجه کولڻ گهرجي. هن چيو ته ادارن کي اختيارن ۽ حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي، مون کان وڌيڪ اهي قابل ماڻھو آهن جن مارڪيٽس کولڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته اسان اسڪول کولڻ جي موڊ ۾ في الحال ناهيون، اسڪول کولي ٻارن جي حياتي داءُ تي نٿا لڳائي سگهون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *