سنڌ ۾ برسات هڪ ڀيرو ٻيهر راڱا ڪري ڇڏيا: مختلف شهرن ۾ وڄون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن جي وقفي کانپوءِ شروع ٿيل برسات هڪ ڀيرو ٻيهر راڱا ڪري ڇڏيا. مختلف شهرن ۾ وِڄون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا. ڪراچي، ميرپور خاص، نواب شاهه ۽ حيدرآباد ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هڪلي برسات سبب ڄامشورو، ڪوٽڙي، شيخ ڀرڪيو، ٽنڊو ڄام ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب رستن تي پاڻي بيهجي ويو، ڪوٽ غلام محمد، چيلهار، پٿورو، ڪُنري، ماتلي، مسو ڀرڳڙي، پٿورو ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوا سان برسات جو وسڪارو، مٽياري، ڀٽ شاهه، هالا، شهدادپور، ٽنڊو غلام حيدر ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊل ٿي ويو. ملير جي گلشن حديد، قائد آباد، سهراب ڳوٺ ۽ آسپاس هلڪو وسڪارو ٿيو. ڪاڇي ۽ ڪوهستاني علائقن ۾ تيز هوا سان برسات متاثرن جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا، جُنگشاهي جي علائقي ڀاڏ مڪان ۾ وِڄ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻو فوت، اڇڙي ٿر جي ڳوٺ لالاڪِر ۾ وڄ ڪرڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار، نوري آباد جي گوگڙو پير ۾ هڪ عورت فوت، 4 ٻڪريون به مري ويون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *