ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان برسات تباهي ڪري ڇڏي. ٿر ۽ ملير ۾ وڄون ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيءُ پُٽ سوڌو 6 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا. ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ۾ تيز برسات بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال، شادمان نالو اوور فلو ٿي ويو. سخي حسن قبرستان روڊ پاڻي هيٺ، ملير، قائد آباد، سرجاڻي ٽائون، اختر ڪالوني، ڊفينس، اورنگي ۽ ڪورنگي سوڌو مختلف علائقن ۾ برسات جي وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. ٺٽو، گهارو، ميرپور ساڪرو ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان برسات دوران وڻ پاڙان پٽجي ويا، ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون اُڏامي ويون. مٺي ۾ برسات کانپوءِ رستن ۽ گهٽين ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو. بدين، حيدرآباد، ميرپور خاص، ٺارو شاهه، هالاڻي، کپرو ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز هوا سان برسات، بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول، موسميات کاتي طرفان سنڌ ۾ سومر تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.