سنڌ ۾ اشتهارات منصفانه ۽ ميرٽ تي تقسيم ڪرڻ لاءِ جامع پاليسي جوڙي ويندي: سيد ناصر شاهه

ڪراچي(هه آ) : سنڌ جي اطلاعات ، محنت ، ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصر حسين شاھ معروف شريف فاروق مرحوم جي تعزيتي ريفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته اشتهارات منصفانه، شفافيت سان ميرٽ تي تقسيم ڪيا ويندا ۽ ڪرپشن جي شڪايتن جو ازالو ۽ خاتمو ممڪن بڻائيندا سين. اهڙن خيالن جو اظهار هن معروف صحافي، ڪارڪن جدوجهد آزادي پاڪستان، مصنف ، چيف ايڊيٽر جناب شريف فاروق مرحوم جي لاءِ ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيل تعزيتي ريفرنس جي موقعي تي ڪيو. اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اطلاعات کاتي لاءِ اشتهارات جي تقسيم ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ ڪيترائي منفي پروپيگنڊ ا ۽ ڳالهيون ڪيون وينديون آهن پر اسانجي حڪومت اهڙين سمورن شڪايتن جو جائزو وٺي مستقل بنيادن تي الزام لڳائيندڙ مختلف صحافي تنظيمن سان ڳالهين سان اشتهارات پاليسي سرڪيوليشن جي بنيادن تي منصفانه طريقي سان رهنمائي ڪري ٺوس قدم کنيا ويندا. صوبائي وزير چيو ته هي سنڌ حڪومت جو عزم آهي ته اهڙو نظام بڻايو وڃي جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول هجي ۽ اڳتي به هلندو رهي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت به شفافيت ۽ ميرٽ کي ترجيح ڏيندي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشان ۽ پرعزم آهي. صوبائي وزير سيد ناصرحسين شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه به اشتهارات جي پاليسي کي منصفانه ڪرڻ ۽ سڀني لاءِ قابل قبول پاليسي تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سمورن سفارشن کي حتمي شڪل ڏيئي عملي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي جماعت آهي ۽ عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. سمورن ترقياتي منصوبن کي ڀرپور ۽ مناسب تشهير لاءِ اطلاعات کاتي سنڌ پاران جديد تقاضن جي عين مطابق قدم کنيا پيا وڃن ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت جاري آهي. هن چيو ته وڌ کان وڌ قانون سازي سنڌ اسيمبلي ڪئي آهي ۽ عوام جي ڀرپور نمائندگي جو حق ادا ڪيو آهي. هن مرحوم شريف فاروق جي صحافتي خدمتن کي سارهائيندي ان کي هڪ ادارو قرار ڏنو،جنهن پنهنجي صحافتي جدوجهد ذريعي جدوجهد آزادي پاڪستان ۽ صحافتي آزادي لاءِ قلم کنيو ۽ هن ادارا ترتيب ڏنا جيڪي معاشري جي مضبوطي لاءِ بنياد بڻيا، هن جي شخصيت استاد ۽ اصلاح پسندن جهڙي هئي، هن جي وفات ٿيڻ سان جيڪو  خال پيدا ٿيو آهي اهو مشڪل سان ڀرجي، هو هڪ معروف ۽ زيد صحافي هو ۽ هن جون خدمتون مشعل راهه آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *