سنڌ ۾ ارڙي جو قهر جاري، وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت، ڪيترائي بيمار

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ارڙي وبا بي قابو بڻيل، مختلف شهرن ۾ 6 ٻارڙا فوت، ڪيترائي مبتلا، حڪومتي دعوائون ڪوڙيون ثابت، ڪيترائي علا.ئقا وئڪسنيشن کان رهيل، صالح پٽ لڳ ڳوٺ ٿمي، بهڻ، مصري شاهه ۾ ارڙي سبب 3 ورهين جا رياض پٽ لطيف ڏنو مڱريو، محمد حسن پٽ سيد گلزار شاهه فوت، شادي لارج ۾ 2 ورهين جي نينگري نازيا ڀيل ارڙي سبب تڙپي فوت، ڪنڊياري ۾ به ٻه ٻارڙيون، فرزانا ڌي آدم مڱريو، ريما ڌي قدير مڱريو، بي رحم بيماري جي ور چڙهي ويون، جڏهن ته مٺي ۾ به احسان شاهه تڙ جي ڌرمي ڪولهي فوت ٿي وئي، شڪارپور ۾ ارڙي ۾ هڪ هزار ٻار مبتلا، 200 ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي، وارثن کي جوڳا انتظام نه ٿين تي پيارن جي وڇڙڻ جو ڊپ ورائي ويو، انتظاميا خلاف احتجاج، جڏهن ته مختلف شهرن ۾رهواسين دانهون ڪندي چيو ته سندن علائقن ۾ ڪا به ٽيم نه آئي آهي، حڪومتي بي حسي سبب ٻارڙا مري رهيان آهن، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت پنهنجيون ذميواروين نڀائي وئڪسينيشن جو عمل مڪمل ڪرائي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *