سنڌ ۾لا اينڊ آرڊر جي صورتحال سڄي ملڪ کان بهتر آهي: سهيل انور سيال

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته لا اينڊ آرڊ جي صورتحال سنڌ ۾ سڄي ملڪ کان بهتر آهي. رائو انوار خلاف شڪايتن لاءِ هڪ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته لا اينڊ آرڊر جي صورتحال سنڌ ۾ سڄي ملڪ کان بهتر آهي. گم ٿيل ماڻهن ۽ انڪائونٽرن بابت معاملا ڏسي رهيا آهيون.  ميديا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته رائو انوار جي خلاف شڪايتن لاءِ هڪ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته رائو انوار کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. سهيل انور سيال چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته قانون کي منهن ڏيڻو پوندو. رائو انوار بابت جنهن وٽ به ڄاڻ آهي  اسان کي آگاهه ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي پوءِ ڀلي اهو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ڇو نه هجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *