سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي ٻئي ڪنهن به پر ن ليگ جي وفاقي حڪومت مايوس ڪيو آهي:نثار کهڙو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي وزيراعظم ميان نوازشريف جي تقرير تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي ٻئي ڪنهن به پر ن ليگ جي وفاقي حڪومت مايوس ڪيو آهي، سنڌ کي بجلي، گئس ۽ پاڻيءَ کان محروم رکڻ واري صرف ن ليگ ئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ رد عمل ظاهر ڪندي هن چيو ته نوازشريف جا سنڌ ۾ جلسا نه پر پاناما ڪيس جي فيصلي کان اڳ الوداعي پارٽيون آهن ۽ نوازشريف کي سنڌ ۾ الوداعي پارٽين کان علاوه ڪجهه به نه ملندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي محافظ آهي ۽ سنڌ  جي عوام  کي ن ليگ ئي مايوس ڪيو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ جي حڪومت سنڌ جي خدمت ڪئي هجي ها ته اڄ سندس پراڻا ساٿي کين ڇڏي نه وڃن ها. هن چيو ته نوازشريف پاران جيڪب آباد ۾ بجليءَ کان محروم ٽرانسفارمر ڏيڻ جو اعلان مذاق آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ 20 ڪلاڪ بجلي ئي نه آهي ته پوءِ ميان صاحب ٽرانسفارمر بجليءَ کان بغير ڪيئن هلندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *