ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نئين ڪابينا ۾ پهرين مرحلي ۾ 8 وزيرن ۽ ٻن صلاحڪارن کي شامل ڪيو ويندو. پ پ قيادت سنڌ ڪابينا جي جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن بعد ڪابينا ۾ ڪيترائي نوان چهرا شامل ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نئين ڪابينا ۾ پهرين مرحلي ۾ 8 وزيرن ۽ ٻن صلاحڪارن کي شامل ڪيو ويندو جڏهن ته ڪابينا جي قسم کڻڻ جي تقريب اڄ شام ساڍي چئين وڳي گورنر هائوس ۾ ٿيندي. ذريعن موجب سعيد غني، شهلا رضا، اسماعيل راهو، محبوب الزمان، شبير جکراڻي، هري رام ڪشوري لال، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ سردار شاهه نئين ڪابينا ۾ وزير هوندا. ذريعن موجب بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ محمد بخش کي وڏي وزير جو صلاحڪار بڻايو ويندو. سنڌ جي نئين ڪابينا ۾ ناصر شاهه، سهيل انور سيال ۽ ڄام خان شوري کي آئوٽ ڪيو ويو آهي. سنڌ جي نئين ڪابينا ۾ سعيد غني کي بلديات، شهلا رضا کي عورتن جي ترقي، سردار شاهه کي تعليم ۽ ثقافت، اسماعيل راهو کي زراعت جو قلمدان ڏنو ويندو. شبير بجاراڻي کي معدنيات، مخدوم محبوب زمان کي روينيو، ڊاڪٽر عذرا فضل کي صحت ۽ هري رام ڪشوري لال کي جيلن ۽ اقليتي معاملن جو وزير بڻايو ويندو. محمد بخش مهر کي صنعت ۽ واپار جڏهن ته بئريسٽر مرتضيٰ وهاب کي قانون ۽ اينٽي ڪرپشن جو وزير بڻايو ويندو.