سنڌ ڪابينا پاران ڀارتي اڳرائي خلاف مذمتي قرارداد منظور؛  پاڪستان ايئر فورس جي جوابي ڪارروائي جي ساراهه

ڪراچي (هه آ) سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ ڀارتي اڳرائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سموري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺل آهي. اجلاس ۾ ڀارتي اڳرائي خلاف مذمتي قراداد منظور ڪئي وئي. اجلاس دوران وزيراعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاهه پاڪستان ايئر فورس پاران ٻن ڀارتي جنگي جهازن کي ڪيرائڻ بابت آگاهي ڏني.سنڌ ڪابينا ايئر فورس جي جوابي ڪارروائي جي ساراهه ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات،قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وزيراعلٰي سنڌ جي صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ ميڊيا کي سنڌ ڪابينا جي فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ڪيو.صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته ڪابينا جي فيصلن بابت گورنر سنڌ کي ڄاڻ وزيراعلٰي سنڌ سيڪريٽريٽ جي ذريعي ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي هن چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو حدف مقرر ڪرڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو ۽ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خوراڪ کاتي وٽ هلندڙ سيزن جي پڄاڻي تائين 8 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود هوندو.خوراڪ کاتي تي مختلف بينڪن جو 135 ارب رپيا قرض چڙهي ويو هو،جنهن مان 35 ارب رپيا بئنڪن کي واپس ڪيا ويا آهن. صوبائي ڪابينا ڪڻڪ جي ذخيري کي نظر ۾ رکندي اوپن مارڪيٽ تحت 5 لک ٽن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي واري وزير، سيڪريٽري خوراڪ ۽ ناڻي کاتي واري سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا ٽن ڏيهن اندر رپورٽ پيش ڪندي ۽ ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ جي سلسلي ۾ واپارين کي  سهولت فراهم ڪندي. جڏهن ته ڪابينا جي ميمبرن جي اڪثريت ڪڻڪ جي ايندڙ سيزن ۾ خريداري جي مخالفت ڪئي. انهن جو خيال هو ته ڪڻڪ جي خريداري جو فائدو وڏا زميندار کڻي وڃن ٿا. ڪابينا غور ويچار کان پوءِ ڪڻڪ جي خريداري بابت ٽارگيٽ مقرر ڪرڻ وارو فيصلو موجود اسٽاڪ جي ايڪسپورٽ جي صورتحال بعد ڪابينا جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. بيريسٽر مرتضي وهاب وڌيڪ ٻڌايو ته اڄوڪي اجلاس ۾ صوبائي گرڊ ڪمپني قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني ( ايس ٽي ڊي سي ) پبلڪ سيڪٽر ۾ هڪ ڪامياب مثال آهي، جنهن نوري آباد کان ڪراچي تائين ٽرانسميشن لائن وڇائي آهي. ان ٽرانسميشن لائن جنوري کان ڊسمبر 2018 تائين 389.291 ملين رپيا منافعو ڪمايو آهي. هاڻي سنڌ حڪومت ڪمرشل گرڊ ڪمپني قائم ڪرڻ چاهي ٿي جيڪا ونڊ پاور پروجيڪٽس کان بجلي حاصل ڪندي. ان گرڊ ڪمپني تحت نوري آباد م 220 ڪي وي گرڊ اسٽيشن قائم ڪئي ويندي ۽ ان ڪمپني جي قيام لاءِ وفاقي حڪومت کان لائسنس ورتو ويندو. اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ فنانس ايڊمنسٽريشن ايڪٽ 2019 جي مسودي تي غور ويچار پڻ ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ مختلف سڌارا آندا پيا وڃن ته جيئن آڊٽ ۽ قرض ڏيڻ ۽ وٺڻ واري عمل ۾ شفافيت ۽ آساني پيدا ڪئي وڃي. سنڌ ڪابينا ڄاڻايل ايڪٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر صوبي جا هجڻ کپن ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ سنڌ ناڻي کاتي جي سيڪريٽري کي ذميواري ڏني ته ان سلسلي ۾ سفارشون تيار ڪري ڪابينا ۾ پيش ڪري. وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار وڌيڪ ٻڌايو ته اڄوڪي اجلاس م ايس آر بي جي ٽيڪس ڇوٽ بابت پڻ غور ويچار ڪيو ويو. گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته ايس آر بي هلندڙ سال 120 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف مقرر ڪيو آهي جڏهن ته هينئر تائين 60 ارب رپيا ايس آر بي ٽيڪس اوڳاڙي ڪري چڪو آهي. ان موقعي تي ايس آر بي گروپ انشورنس تي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني جنهن کي ڪابينا رد ڪري ڇڏيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته حڪومت عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ نه ٿي چاهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت سخت مالي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ وفاق پڻ 105 ارب رپيا گهٽ ڏنا آهن جنهن لاءِ وفاق سان رابظو ڪيو ويو آهي .مرتضٰي وهاب چيو ته صحت کاتي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر وچ ۾ ٿيل ٺاهه کي ختم ڪرڻ بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ صحت وارو وزير، قانون کاتي جو صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ پڻ شامل آهي. هن چيو ته 2011 ۾ ارڙهين ترميم تحت اين آئي سي وي ڊي سنڌ حڪومت جي حوالي ٿيا هئا. هن وقت سنڌ حڪومت انسٽيٽيوٽ کي 8.8 ارب رپيا ڏئي رهي آهي. سنڌ حڪومت تازو ئي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيز قائم ڪيو جنهن جي تحت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارڊيو سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. اين آءِ سي وي ڊي ۽ صحت کاتي وچ ۾ ٿيل ٺاھ ختم ٿيڻ بعد ايس آئي سي وي ڊي جي يونٽس جو انتظامي اختيار اين آئي سي وي ڊي جي هٿن مان نڪري سنڌ حڪومت وٽ اچي ويندو. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ ايڪٽ 2019 ۽ سروس رول 2019 جي منظوري ڏني آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته عبدالماجد ڀرڳڙي سنڌ زبان جو يوني ڪوڊ قائم ڪيو هو جنهن سان سنڌي زبان ڪمپيوٽر ۾ منتقل ٿي. ان انسٽيٽيوٽ جي عمارت حيدرآباد ۾ قائم ڪئي وئي آهي. هن وقت اسان وٽ اهڙو نظام موجود آهي جنهن سان سنڌي ڪتابن جي تصوير بڻائي انهن کي ايم ايس ورڊ فارميٽ ۾ آڻي سگھجي ٿو. ان نظام جي تحت اسين لکين پراڻن ڪتابن ٻيهر ڇپائي ڪري سگھون ٿا. مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته مختلف برادرين ڪراچي ۾ قبرستانن لاءِ زمين جي گھر ڪري رهيون آهن. جنهن تي ڪابينا چيف سيڪريٽري سنڌ کي ڪراچي ۾ قبرستانن لاءِ ايراضي جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 ۽ رولز 2017 ۾ ترميم ڪندي رول 12 جي سب رول( 03 ) لفظ گورنمينٽ  جي جاءِ تيهاءِ ڪورٽ آف سنڌ شامل ڪيو ويو آهي. ڪابينا ڪجھ وڌيڪ ترميمون به منظور ڪيون. جنهن جي مطابق ڪنزيومر ڪورٽس بابت اپيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪري سگھبيون. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ ٻڌايو ته واپار واري وفاقي وزارت پاران پاڪستان ٽبيڪو بورڊ لاءِ ڊائريڪٽر جو نالو گھريو جنهن تي سنڌ ڪابينا ڊائريڪٽر ٽريننگ الھ ورايو رند کي نامزد ڪيو آهي. ڪابينا سپريم ڪورٽ جي وڪيل منظور حسين لاڙڪ کي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور سان لاڳاپيل لا ڪاليج جر بورڊ آف گورنر جي سيڪريٽري طور منظوري ڏني. اجلاس ۾ پي ڊي ايم اي جي ڀرتين جي رولز جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ ڪابينا ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ترميمي بل 2019 جي منظوري پڻ ڏني.ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي صوابيئ صلاحڪار ٻڌايو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ اُپائن جي حوالي سان سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز جي وڊيو ڪانفرنس اڄ ٿيندي ۽ وفاقي حڪومت جيڪو فيصلو ڪندي صوبائي حڪومتون ان حڪمت عملي تي ڪم ڪنديون اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ويو آهي ته وزير اعليٰ سنڌ مخالف ڏر جي اڳواڻ کي خط ذريعي 34 مان 14 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾صوبائي صلاحڪار چيو ته پي ٽي آئي سان اسان ڪنهن به قسم جي سي او ڊي تي صححيون ناهن ڪيون ان ڪري اسان اپوزيشن کي پي اي سي جي سربراهي ڏيڻ جا پابند ناهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اين آئي سي وي ڊي کي سنڌ وٽ رهڻ ڏنو وڃي اسان اداري کي بهتر ڪيو آهي هي مثالي ادارو پوري پاڪستان جي خدمت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ اسمبلي جي قراردادن تي عمل ڪرايو ويندو آغا سراج دراني ۽ ڪشمير بابت قراردادون وفاق تائين پهچايون وينديون.                         

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *