سنڌ ڪابينا سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020 منظور ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020 منظور ڪري ورتو، نئين تجويز ڪيل قانون تحت سڪسيشن سرٽيفڪيٽ لاءِ هاڻ سڌي ريت نادرا کي درخواست ڏئي سگهبي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، صلاحڪارن ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.ڪابينا رولز آف بزنس ۾ ترميم، سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020، سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپرومينٽ پراجيڪٽ تي غور ڪيو.اجلاس ۾ ڪابينا گڏيل طور تي سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020 منظور ڪري ورتو، جنهن تحت لاڏاڻو ڪري ويندڙ شخص جا وارث عدالت بدران نادرا وڃي سگهندا، بل اسيمبلي ۾ متعارف ڪرائڻ کانپوءِ ڪميٽي کي موڪليو ويندو.ڪابينا نين گاڏين جي خريداري لاءِ ڪميٽي به قائم ڪري ڇڏي، جيڪا حڪومت وٽ موجود گاڏين جو جائزو وٺندي، گاڏين جي الاٽمينٽ پاليسي ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي ۾ مير شبير بجاراڻي، مڪيش ڪمار چاولا ۽ سهيل انور سيال شامل هوندا.سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته جيڪي گاڏيون ٿوري مرمت سان استعمال ٿي سگهن ٿيون، اهي آفيسرن کي الاٽ ڪيون وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *