سنڌ کي ورهائڻ جو ڪوبه مطالبو ناهي، متحده صرف نعرا هڻندي آهي: سعيد غني

لاهور (م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ کي ورهائڻ جو ڪوبه مطالبو ناهي. متحده سياسي دٻاءُ کان نڪرڻ جي لا اهڙا نعرا هڻندي آهي. ايم ڪيو ايم پهريان اسيمبلي ۾ ته ٺهراءُ پيش ڪري.

تفصيل موجب صوبائي وزير سعيد غني پ پ اڳواڻ چوڌري اسلم جي گهر وڃي سندس ڀاءُ جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم پهريان صوبي بابت اسيمبلي ۾ ٺهراءُ ته پيش ڪري، صوبائي اسيمبلي موجود آهي جيڪڏهن ايتري همت آهي ته نئين صوبي جو معاملو اتي ئي آندو وڃي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم کانسواءِ ڪنهن به پارٽي صوبي جي ڳالهه نه ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم سياسي دٻاءَ مان نڪرڻ لاءِ اهڙا نعرا هڻندي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ اپوزيشن مضبوط نه ٿي رهي آهي، پ پ جا ووٽ وڌيا آهن، پ پ ڪارڪنن جي قربانين سان اڄ به زنده آهي. سعيد غني چيو ته بلاول ڀٽو سمورن معاملن ۾ کلي ڳالهائي رهيو آهي، اسان ٻڌائينداسين ته مخالف ڌر ڇا ٿيندي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو شمار بهترين ججن ۾ ٿيندو آهي. پوءِ عدالت جا فيصلا سٺا هجن يا خراب مڃڻا پوندا آهن.  سعيد غني چيو ته بلاول ڀٽو انهن ماڻهن جا مسئلا  ميڊيا آڏو آڻيندو آهي جنهن جي ڪابه داد فرياد نه ٿيندي آهي. هن چيو ته پ پ اڳ کان به وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *