سنڌ کي ان جي آئيني حق جي مطابق گيس ملڻ گهرجي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان، قانون ۽ ماحوليات بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ ۾ گئس جي بدترين بحران تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي پيداوار ۾ سنڌ جو 70 سيڪڙو حصو آهي پر سنڌ کي گهربل ضرورت موجب گئس مهيا نه پئي ڪئي وڃي هن چيو ته هن وقت سنڌ کي 67 سيڪڙو گيس ڏني پئي وڃي جنهن سبب سنڌ ۾ گئس جي سخت قلت پيدا ٿي وئي آهي هن چيو ته اڄ گئس نه هجڻ ڪري گهرن جا چلها ٿڌا پيا آهن. سي اين جي بند ٿيڻ سان عوام روڊن تي پريشان بيٺل نظر اچي رهيو آهي ۽ صنعتي علائقن ۾ گئس جي بندش سبب ڪارخانه بند ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي جنهن سان بيروزگاري جو طوفان اچي ويندو پر سليڪٽيڊ حڪومت اڃا تائين دعون ۽ نعرن کان ٻاهر اچڻ لاءِ تيار ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت عوام جي صبر کي وڌيڪ نه آزمائي 15 مهينا گذرڻ کانپوءِ ملڪ جي معاشي حالت خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي پر نا اهل حڪومت عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٻئي پاسي هن چيو ته ٿرڪول جي انڊيجينيس ڪوئلي مان ملڪ جي پيداوار جي سستي بجلي فراهم ڪري نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي احسانن جو ڪو به احساس نه ڪيو پيو وڃي ۽ حال اهو آهي ته سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ مسلسل لوڊشيڊنگ ٿي پئي.    

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *