سنڌ پوليس سان گڏ بيهڻ تي فخر آهي: آمريڪي قونصل جنرل

ڪراچي (م ڊ) آمريڪي قونصل جنرل جوان ويگنر ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ سيميوليٽر سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي جوان ويگنر، ناصر حسين شاهه ۽ آءِ جي سنڌ سسٽم تي نشاني بازي جي مشق پڻ ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي قونصل جنرل جوان ويگنر چيو ته دهشتگردي خلاف آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي، جمهوري ۽ پرامن معاشري لاءِ سهڪار جاري رهندو، پوليس اهلڪار عوام ۽ امن لاءِ پنهنجون حياتيون داءَ تي لڳائن ٿا. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان خاص ڪري سنڌ پوليس سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ تي فخر محسوس ڪندو آهي، 2012ع کان آمريڪا ۽ پاڪستان جي پارٽنر شپ جاري آهي، گڏيل ڪوششن سان آپريشنل ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن ۾ واڌ ٿيندي، سيميوليٽر ذريعي سنڌ پوليس جي نوجوانن سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فائرنگ مشق ۾ بهتري ايندي. جوان ويگنر جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس جي ڪوششن تي انهن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿي، آمريڪي قونصل جنرل چيني قونصليٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي پڻ ڀيٽا پيش ڪئي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *