سنڌ پوليس جي 12 ڊي ايس پيز کي ايس پي جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي
April 28, 2017 at 11:38 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ پوليس جي 12 ڊي ايس پيز کي ايس پي جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي آهي ان حوالي سان هڪ تقريب جمعي تي سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ آءِ جي سنڌ ترقي حاصل ڪندڙ آفيسرن کي ايس پي رينڪ جا بئج لڳايا ۽ مبارڪ ڏني ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي سنڌ آفتاب پٺاڻ ۽ ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ولي الله دل ۽ اي آءِ جي آپريشن سنڌ شيراز نذير به موجود هئا ترقي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۾ فياض حسين سهتو، سڪندر ڪورائي، شبير احمد بلوچ، ظهير حيدر نقوي، راجا بشارت علي، افتخار احمد لوڌي، اقبال احمد آرائين، سيد ذوالفقارحسين شاهه، غلام حسين مستوئي، امام ڏنو منگي، سيد آفتاب علي شاهه ۽ اعجاز احمد ڪلهوڙو شامل آهن تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس جي بنيادي فرضن ۾ عوام جي خدمت ۽ انهن کي درپيش مسئلن جو انتهائي محنت ۽ غير جانبداري سان ازالو وڏي اهميت وارو آهي. هن ترقي ماڻيندڙ ايس پي کي چيو ته هو پنهنجي پيشيورانه صلاحيتن ۽ غير جانبدارنه قدمن ۽ تجربن جي بنياد تي سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي ۾ واڌ ۽ پاليسينگ جي گڏيل معاملن تي عوام جي خواهشن مطابق بنائڻ ۾ پنهنجي انفرادي ۽ گڏيل ڪردار کي يقيني بڻائي.