سنڌ پوليس جي گاڏين مان پيٽرول چوري جو انڪشاف، فيول ڪنزليشن ٽيڪر لڳائڻ شروع ڪيا ويا

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ صوبي ۾ پوليس کاتي جي گاڏين مان ڪروڙين رپين جي پيٽرول جي چوري جي انڪشاف کانپوءِ سنڌ ۾ پوليس جي ڊي ايس پي رينڪ تائين آفيسرن جي گاڏين ۾ فيول ڪنزليشن ٽيڪر لڳائڻ شروع ڪيا ويا آهن، حڪومت اهي قدم ڪيترن ئي گاڏين جي بنا استعمال ٿيل ڪروڙين رپين جي پيٽرول جي استعمال جي انڪشاف کانپوءِ کنيا آهن، ٽيڪر گريڊ 18 ۽ سنڌ پوليس جي ڊي ايس پي رينڪ جي آفيسرن جي گاڏين ۾ لڳايا پيا وڃن، ان ڏس ۾ سنڌ پوليس جي اي ڊي آءِ جي طاهر نوراني ٻڌايو ته ڪيترن ئي گاڏين ۾ پهريان کان ئي ٽيڪر لڳايا ويا هئا پر هاڻ سنڌ پوليس جي گاڏين ۾ اهي ٽيڪر لڳايا پيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *