سنڌ پوليس جي ڪچي ۾ ڪارروائي 7 ڌاڙيل مارجي ويا، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ ضلعي خيرپور جي پوليس خميس جي صبح خيرپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري مقابلي جي 7 ڏوهارين کي ماري ڇڏيو جڏهن ته جوابدارن وٽان هٿيار ۽ بارود به هٿ ٿيو آهي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش ٻڌايو ته خيرپور جي ڪچي جي علائقي ڪي ٽي ممتاز ۾ روپوش ڌاڙيلن جو ٽولو گهڻي وقت کان ڏوهه ڪري رهيو هو ۽ سنڌ ۾ اغوا جي ڏوهن ۾ ملوث هو ڳجهو اطلاع ملڻ تي هن خيرپور ضلعي جي پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ مقابلي ۾ 7 ڏوهاري مارجي ويا مارجي ويل ٻن ڌاڙيلن اقبال ناريجو ۽ پٺاڻ جي جيئري يا مئل حالت ۾ گرفتاري تي سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي 10-10 لک رپيا انعام مقرر ڪري ڇڏيو هو ايس ايس پي مسعود بنگس مطابق ڪارروائي دوران 4 جي ٿري رائفلون، ٻه ڪلاشنڪوف، ٻه انٽي ايئر ڪرافٽ گن، راڪيٽ لانچر ۽ سوين گوليون هٿ آيون آهن جڏهن ته پوليس موجب اڃا تائين ڪارروائي جاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *