ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ترجمان سنڌ سرڪار ۽ صلاحڪار قانون ۽ ماحوليات بئريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته سنڌ پوليس جي جوانن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري اسان جي صوبي ۽ ڪراچي شهر جو امن بحال ڪيو آهي. صلاحڪار قانون سڪيورٽي يونٽ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ان موقعي تي ڊي آءِ جي سڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن ڪراچي مقصود احمد ان جو استقبال ڪيو ۽ ايس ايس يو جي خصوصي دستي سلامي پيش ڪئي ان موقعي تي صلاحڪار قانون ڊي آءِ جي سڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن ڪراچي ۽ ڪمانڊنٽ ايس ايس يو سان گڏ اسلحه خانه، فائرنگ رينج ۽ ايس ايس يو جي مختلف شعبن جو دورو ڪندي ايس ايس يو جي موجوده پيشه ورانه مهارت ۽ انتظامن جو مثالي قرار ڏنو. هن چيو ته مددگار 15 کي جديد خطوط تي استوار ڪرڻ خوش آئند آهي ۽ سڪيورٽي ڊويزن کي سنڌ حڪومت جي مڪمل سپورٽ حاصل رهندي ۽ سنڌ حڪومت ايس ايس يو ڪمانڊوز جي پيشه ورانه خدمتن جي تعريف ڪندي آهي ڇو ته ڏوهن جي روڪٿام لاءِ پوليس آفيسرن ۽ عملي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن امان پوليس جي شهيدن جي لازوال قربانين جو ثمر آهي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي مقصود احمد اسپيشل سڪيورٽي يونٽ جي مختلف شعبن جي ڪارڪردگي جي تفصيل سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايس يو سنڌ پوليس ۾ S.W.A.T ٽيم قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪمانڊوز کي شامل ڪرڻ ليڊي ڪمانڊوز جي تربيت يافته ۽ جديد هٿيارن سان ليس آهن. صلاحڪار قانون کي ٻڌايو ويو ته ڪمانڊوز جي پيشه ورانه مهارت ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ پاڪستان آرمي مختلف ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ تربيت فراهم ڪري رهي آهي. صلاحڪار قانون کي آگاهي فراهم ڪندي ٻڌايو ويو ته مددگار 15 سنڌ پوليس جو اهم ذيلي ادارو آهي جنهن کي ٻيهر بحال ڪيو پيو وڃي ۽ جديد تقاضن جي مطابق استوار ڪيو پيو وڃي . مددگار 15 جي افرادي قوت ۽ انتظامي تبديلن جي بعد مددگار 15 جنهن جو ڪنهن به ايمرجنسي صورتحال ۾ ريسپانس ٽائيم 30 کان 40 هيو هاڻي محدود ٿي ڪري 07 کان 10 منٽ ٿي ويو آهي. بئريسٽر مرتضٰي وهاب ايس ايس يو جي انتظامي، سڪيورٽي ۽ انسداد دهشتگردي معاملن ۾ اعليٰ پيشه ورانه معيار وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ڪوشش کي سرهائيندي چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملڪ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان جي يونٽ جي بنياد رکي هئي جنهن جو پيشه ورانه معيار مثالي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت مددگار 15 جي جديد ضرورتن جي بنياد تي سڪيورٽي ڊويزن جي ڪاوشن جي قدر ڪندي آهي ۽ ان تي عمل درآمد ڪرڻ ۾ هن کي سنڌ حڪومت جو هر مرحلي جو تعاون رهندو. صلاحڪار قانون مددگار 15 تي ٽيسٽ ڪال پڻ ڪئي ۽ فوري ڪارروائي ڪرڻ تي 15 جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي هن وڌيڪ چيو ته S.W.A.T ٽيم پاران دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ مشقن جو مشاهدو ڪيو.