سنڌ پاڪستان ٺاهيندڙ صوبو آهي، ڪراچي بلاول جو ۽ بلاول ڪراچي جو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پاڪستان ٺاهيندڙ صوبو آهي، ڪراچي بلاول جو ۽ بلاول ڪراچي جو آهي. لياقت آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته عوام گهڻو آهي ۽ جلسي لاءِ هي گرائونڊ ننڍو آهي، ماضي ۾ سازش تحت ڪراچي جو امن خراب ڪيو ويو، ڇا اسان بلديا فيڪٽري ۾ مزدورن جو ساڙيندڙن کي معاف ڪري ڇڏيون ها؟ هن چيو ته قائم علي شاهه جي دور ۾ ڪراچي ۾ امن بحال ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اسان ڪراچي آپريشن ۾ ڪنهن به بيگناهن جو رت وهائڻ کانسواءِ امن امان قائم ڪرايو ويو، ڪراچي جي شهرين سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏنو. وڏي وزير چيو ته ن ليگ حڪومت ڪراچي جو رت چوسيندي رهي، پ پ ڪراچي جي عوام جي ڏکيائين لاءِ ڪو معاهدو نه ڪندي، گذريل سال چيو هو پي ايس ايل فائنل ڪراچي ۾ ڪرائينداسين، اسان پي ايس ايل فائنل ڪراچي ۾ ڪرائي ڏيکاريو سين. /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 28

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *