سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردياڻيءَ کي مبينا هراسان ڪرڻ خلاف احتجاج: ڊرائيور خلاف ڪارروائي ۽ ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ کي هٽائڻ جو مطالبو

ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي کي پوائنٽ بس ۾ مبينا هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ واري واقعي خلاف شاگرد تنظيمن طرفان مظاهرو ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽ اينڊ ڊزائين ڪميونيڪيشن شعبي جي شاگردياڻي اقراء شيخ کي مبينا طور هراسان ڪرڻ واري واقعي خلاف شاگرد تنظيمن طرفان احتجاج ڪيو ويو آهي. شاگردن آرٽس فيڪلٽي کان سينٽرل لائبريري تائين ريلي ڪڍڻ بعد مظاهرو ڪيو ۽ شاگردياڻي سان انصاف جو مطالبو ڪيو. شاگردن احتجاج دوران چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻيون غير محفوظ بڻيل آهن، پر انتظاميا ۽ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي. يونيورسٽيءَ ۾ ٽرانسپورٽ جو ٺيڪو ڊگهي عرصي کان هڪ بااثر نديم آرائين کي مليل آهي، جنهن خراب گاڏيون روٽ تي هلائي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي زندگين کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن مظاهري دوران مطالبو ڪيو آهي ته پوائنٽ بس ۾ شاگردياڻي کي هراسان ڪندڙ ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪري سزا ڏني وڃي ۽ ٽرانسپورٽ شعبي جي ڊائريڪٽر رحمت الله شر کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *