سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڪرپشن جي تحفظ لاءِ پاس ڪيل نيب خلاف سنڌ اسيمبلي جي بل تي سنڌ سراپا احتجاج

ڪراچي(م ڊ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ڪرپشن جي تحفظ لاءِ پاس ڪيل نيب خلاف سنڌ اسيمبلي جي بل تي سنڌ سراپا احتجاج. سموري سنڌ ۾ هزارين سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي گهر ڪئي ته پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ اندر ڪرپشن ۾ ملوث سندن وزيرن مشيرن ۾ ڪامورن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ جيڪو بل پاس ڪيو آهي انهيءَ کي هڪدم واپس ڪيو وڃي. احتجاجن جي سلسلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو وي جنهن ۾ مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو ، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ادريس چانڊيو، مرڪزي اڳواڻ سيد غلام شاهه ۽ ڪراچي جي سمورن ضلعن جي اڳواڻن سميت ڪيترن ئي پارٽي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ جي معاشري کي احتساب، شفافيت ۽ انصاف جي ضرورت آهي پر سنڌ حڪومت جي مهرباني سان سنڌ ۾ احتساب وارو قانون هڪ هفتي کان موجود نه آهي ۽ سنڌ کي پ پ حڪومت “ڪرپشن فري زون” بڻائي ڇڏيو آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو احتساب مخالف بل نامنظور – نامنظور ۽ اهڙي ريت سنڌ اسيمبلي جو هي ڪارو قانون نامنظور 156 سياستدانن، وزيرن ۽ ڪامورن کي جيڪي رشوت ۽ ناڻي جي چوري ۾ ملوث آهن انهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هي بل اسيمبلي مان پاس ڪيو ويو آهي جنهن جي آئون سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو افسوس ته وڏيرا ۽ دهشتگرد قانون سازي پيا ڪن جيڪا سنڌ جي بدقسمتي آهي ڇو ته اسيمبلي قوم جو گڏيل وزڊم هوندو آهي سنڌ ۾ گڏيل ڏاهپ جي نفي ٿي رهي آهي صوبائي خود مختياري رشوت خورن جي تحفظ جو هٿيار نه آهي جنهن کي استعمال ڪيو پيو وڃي پ پ وارا 9 سالن کان سنڌ جا وسيلا لٽي رهيا آهن ياد رهي ته سنڌ جا وسيلا سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن لٽيندڙ ۽ ڦريندڙ عوام جا نمائندا نٿا ٿي سگهن هن چيو ته وسيلن کي لٽيندڙ گدار آهن گدارن کي نه بخشيو ويندو هن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته چورن، رشوت خورن جي حڪومت هٽايو ۽ سنڌ بچايو سيد جلال محمود شاهه وفاقي حڪومت ۽ رياستي ادارن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ مٿين ادارن جي خاموشي سنڌي عوام کي مايوس ڪرڻ جي برابر آهي ان موقعي تي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو ، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ادريس چانڊيو، مرڪزي اڳواڻ سيد غلام شاهه پڻ خطاب ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *