سنڌ هائي ڪورٽ پاران غائب شهرين کي بازياب ڪرائڻ متعلق پوليس جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هائي ڪورٽ غائب شهرين کي بازياب ڪرائڻ متعلق پوليس جي رپورٽ کي عدم اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو عدالت رمارڪس ۾ چيو ته شهرين کي غائب ڪرڻ ۾ ادارن تي سخت الزام آهن. ادارن تان اعتماد ختم ٿي ويو آهي. عدالت رينجرز، پوليس ، سنڌ سرڪار ۽ ٻين کان هڪ مهيني اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي، غائب شهري احسان الله متعلق جاچ آفيسر جو چوڻ هيو ته ان جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي ان جي گھر ڀاتي جاچ ۾ سهڪار نه پيا ڪن، عدالت رمارڪس ڏنا شهرين کي بازياب ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي اڳ به چيو هو ته ماڊل ٽيڪنالوجي ۽ ڊيوائيسز استعمال ڪيو ، جسٽس نعمت الله رمارڪس ڏنا شهرين کي غآئب ڪرن جي معاملي تي رينجرز سميت سمورن ادارن تي سخت الزام آهن. سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا الزامن جو جواب ڏين، رينجرز پراسيڪيوٽر حبيب احمد جو چوڻ هيو ته رينجرز ڪنهن به شهري کي بنا جواز تحويل ۾ ناهي وٺندي ڪنهن شهري جي گھر ڀاتي کي شڪ آهي ته لکت ۾ جواب جمع ڪرائينداسي. پوليس آفيسرن عدالتکي ٻڌايو ته غائب شهرين جا گھر ڀاتي جي آئي ٽي ۽ جاچ ۾ سهڪار نه ٿا ڪن. عدالت شهري احسان الله ، قمر عباس ۽ ٻين کي ماڊل ٽيڪنالوجي جي مدد سان بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي رينجرز پوليس، سنڌ سرڪار ۽ ٻين کان هڪ مهيني اندر پورٽ طلب ڪري ورتي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *