ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا هائوسز تي حملي ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير جي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي خميس تي ٻڌني ٿي عدالت اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر جي عدم پيشي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جوابدار حسن عالم ۽ شوڪت جي دهشتگردي ٽور عدالت درخواست رد ڪري چڪي آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌني دوران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر جي عدم موجودگي تي عدالت سوال ڪيو ته ساجد محبوب ڪٿي آهي پبلڪ پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته ان کي چيلهه جي تڪليف آهي ۽ بيمار آهي عدالت چيو ته اسان کي به چيلهه جي تڪليف آهي هن پڇا ڪئي ته هو ڪهڙي اسپتال ۾ داخل آهي ٻڌايو ويو ته رينجرز جي اسپتال ۾ داخل آهي عدالت ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پيش نه ٿيو ته 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪنداسين.