ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس جي ۾ لاوارث لاشن جي سڃاڻپ ۽ ڊي اين اي لاءِ مڪينزم جوڙي ٻن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت چيو آهي ته انفرا اسٽرڪچر ٺاهڻ حڪومت ۽ پوليس جو ڪم آهي، لاوارث لاشن جي سڃاڻپ جو نظام هئڻ گهرجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني ڊويزن بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ پوليس پاران گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايڌهي هوم ۾ 84 هزار لاوارث لاش دفن آهن جنهن جي سڄاڻپ لاءِ ايڌهي هوم سميت ڪنهن به اداري وٽ ڪو جوڳو انتظام نه آهي. ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته انفرا اسٽريڪچر ٺاهڻ حڪومت ۽ پوليس جو ڪم آهي فلاحي ادارن جو نه. عدالت سنڌ حڪومت کي گڏيل مڪينزم ٺاهي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.