سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ڳري ٽريفڪ رواني واري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي
April 18, 2017 at 8:16 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي اهم شاهراهن تي پابندي وقت ڳري ٽريفڪ جي رواني واري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شهر ۾ پابندي باوجود ڳري ٽريفڪ جي آمد رفت جاري آهي. هن چيو ته آءِ جي سنڌ جي حڪم باوجود پوليس اهلڪار رشوت وٺي شهر ۾ ڳري ٽريفڪ کي اچن پيا ڏين. چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عوام قانون جو احترام نه ڪيو ته پوءِ آخر ڪير ڪندو، چيف جسٽس چيو ته وڏا ماڻهون هتي قانون ٽوڙين ٿا ۽ جڏهن هو دبئي وڃن ٿا ته اتي هارون به ناهن وڄائيندا. چيف جسٽس چيو ته علميو اهو آهي ته پوليس وارن کي ٽڪي جو ماڻهون سمجهيو ويندو آهي. چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته پوليس وردي جو خيال ڪيو وڃي پوليس جو مطلب رياست جي طاقت هوندو آهي. عدالت ڪراچي جي اهم شاهراهن تي پابندي وقت ڳري ٽريفڪ جي رواني واري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.