سنڌ هاءِ ڪورٽ پوري صوبي ۾ هڪ مهيني لاءِ شراب خانن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ صوبي ۾ موجود شراب خانن بابت هڪ مڪينزم ٺهڻ تائين سڀئي شراب خانا بند ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي ته شراب خانن جي لائسنس ۽ کپائڻ بابت هڪ مهيني جي طريقيڪار واضع ڪري انهي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي اقليتي قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش ڪمار جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت ڊي جي ايڪسائيز پوليس سنڌ جي رپورٽ رد ڪندي گڏيل رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته رپورٽ جمع ڪرائڻ تائين سڀئي شراب خانا بند ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. رميش ڪمار عدالت ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان جي مذهب ۾ شراب جي اجازت ناهي پر اسان جي مذهب جي نالي تي شراب کپائڻ ۽ لائسنس جاري ڪيا ويا، انهي لاءِ مهرباني ڪري شراب خانن کي بند ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪير شراب کپائڻ چاهي ٿو ۽ شراب کپائڻ جي اجازت ڏني ٿي وڃي ته اسان جي مذهب جي نالي تي نه ڏني وڃي. ٻڌڻي جي پڃاڻي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۳۰ ڏينهن اندر ڊي جي ايڪسائيز ۽ سنڌ حڪومت کي شراب جي وڪري بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *