سنڌ هاءِ ڪورٽ پلي بارگين وارين درخواستن تي 18 اپريل تائين فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ،  سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن ريفرنس ۾ ٽن پوليس آفيسرن جي پلي بارگين وارين درخواستن تي 18 اپريل تائين فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن واري ريفرنس ۾ اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اي آءِ جي ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. نيب پراسڪيوٽر چيو ته پوليس آفيسرن تنوير احمد، عتيق الرحمان ۽ شفيق پلي بارگين لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، جيڪي هيڊڪوارٽر اماڻيون ويون آهن. نيب موجب جوابدارن ۾ اڳوڻو اي آءِ جي تنوير احمد طاهر، فدا حسين شاهه، ڪامران راشد، اڳوڻو اي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ، سرمد مدحت حسين، علي اصغر ۽ ٻيا شامل آهن. نيب موجب جوابدارن تي 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *