ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ غائب ماڻهن جي گم ٿيڻ جا ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو اهي خميس تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غائب ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ بابت درخواستن جي ٻڌني جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪئي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رپورٽس پيش نه ڪرڻ تي وفاقي گهرو وزارت ۽ پوليس آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عدالت پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهي اسان ماڻهن جو قيمتي وقت وڃائڻ نه ڏينداسين شهرين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڄي رهيا آهن ماڻهن کي به خبر هئڻ گهرجي ته عدالت ۾ گم ٿيل ماڻهن جا وارث پيش ٿيا غائب شهري علي مهدي جي حوالي سان پراسيڪيوٽر رينجرز موقف پيش ڪيو ته علي مهدي کي رينجرز حراست ۾ ناهي ورتو علي مهدي جي ماءُ عدالت ۾ بيان ڏنو ته منهنجي پٽ کي رينجرز رات جي 3 وڳي گهر وارن آڏو کنڀيو پراسيڪيوٽر رينجرز ڪيئن چئي سگهي ٿو ته رينجرز علي مهدي کي حراست ۾ ناهي ورتو اسان کي وڪيل ڪرڻ جيترا به پئسا نه آهن عدالت ايس ايس پي سينترل کي حڪم ڏنو ته غائب شهري علي مهدي جي گهرڀاتين جو بيان قلمبند ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو علي مهدي جي ماءُ کي چيو ته اوهان جيترو ڳالهايو ڪافي آهي اسان ايس ايس پي کي حڪم ڏنو آهي ته اهو ڪيس داخل ڪندو عدالت شهري فرقان جي گم ٿيڻ جي جاچ آءِ جي سنڌ جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ 20 سيپٽمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو شهري عمران جي گم ٿيڻ واري ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ڊي ايس پي الطاف حسين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو عدالت غائب شمشاد جي گمشدگي جو به ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻين شهرين جي گم ٿيڻ جي درخواستن تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو عدالت حڪم ڏنو ته غائب شهرين کي بازياب ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي وڃي آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، گهرو کاتو ۽ ٻيون ڌريون 19 سيپٽمبر تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائين عدالت وفاقي گهرو وزارت کي جواب جمع ڪرائڻ جي آخري مهلت ڏيئي ڇڏي.