ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي عبوري ضمانت ۾ 2 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي،شرجيل ميمڻ جي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ واري درخواست تي وفاقي گهرو وزارت طرفان جواب داخل نه ڪرائڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو . جسٽس محمد شفيع صديقي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، نيب پاران جواب جمع ڪرايو ويو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران شرجيل انعام ميمڻ جي عبوري ضمانت ۾ 2 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت شرجيل انعام ميمڻ جي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ واري درخواست تي وفاقي گهرو وزارت پاران جواب داخل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ هفتي ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.