سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان ترقي ماڻيندڙ ججن جي مقررين جي منظوري، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سينئير سول ججز مان ايڊيشنل جج طور ترقي ماڻيندڙ ججز جي مقررين منظوري ڏئي ڇڏي. رجسٽرار غلام رسول سمون جي جاري ڪيل نوٽيڪفيشن موجب سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ طور ترقيون ماڻيندڙ ججز جي پوسٽنگ جا به آرڊرز جاري ڪيا ويا. نوٽيفڪيشن موجب صائمه منگي کي لاڙڪاڻي مان نوشهروفيروز جي ايڊيشنل جج طور مقرر ڪيو ويو آهي، ممتاز سولنگي کي ڏکڻ ڪراچي، محمد عباس سيال کي حيدرآباد ۽ محمد اسلم شيخ کي ايسٽ ڪراچي ۾ سيشن جج مقرر ڪيو ويو آهي ذوالفقار ميمڻ ملير، غلام مرتضيٰ بلوچ کي سينٽرل ڪراچي ۽ جاويد حيدر ڦلپوٽو کي ڪراچي ۾ ايڊيشنل جج مقرر ڪيو ويو. نصير نور خان کي ٿرپارڪر، لياقت کوسو ۽ حسن ڪلوڙ لاڙڪاڻو، غلام فاروق سانگهڙ، حافظ عطاءُ الله شيخ شهيد بينظير آباد ۽ اورنگزيب شاهه کي ڏکڻ ڪراچي ۾ ايڊيشنل سيشن جج طور مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب  ذڪاءُ الله ابڙو ميرپور ماٿيلو، طارق علي گهوٽڪي، ارشاد حسين ٺٽو ۽ رجب شر ڪشمور جي عدالتن ۾ ايڊيشنل جج طور ڪيس هلائيندا. جاري ڪيل نوٽيڪفيشن موجب عبدالقادر بدين، رسول بخش سولنگي ايسٽ ڪراچي، عظميٰ خان ڏکڻ ڪراچي ۽ لياقت کوسو ويسٽ ڪراچي ۾ ڪيسز تي ٻڌڻيون ڪندا. سول جج مان سينيئر سول جج ۽ اسسٽنٽ سيشن جج طور ترقيون ماڻيندڙن لاءِ پڻ نئين پوسٽنگ جا آرڊر پڻ جاري ڪيا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *