سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي صدر عارف علوي خلاف داخل ڪيسن بابت درخواستن جي ٻڌڻي

December 12, 2024 at 7:33 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي صدر عارف علوي خلاف داخل ڪيسن بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالتي اجازت کانسواءِ کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت چيو ته عارف علوي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وڃي

درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جيڪڏهن عارف علوي جي خلاف ڪو ڳجهو ڪيس آهي ته پوءِ به عدالت کي ٻڌايو وڃي.

درخواستگذار جو چوڻ هو ته هنن  ٽن ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ورتي آهي، وڌيڪ ڪيسن بابت کين ڪابه ڄاڻ ناهي.

عدالت ايف آءِ اي، پوليس ۽ ٻين ادارن کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته سمورن ڪيسن ۽ انڪوائري جا تفصيل عدالت کي ڏنا وڃن.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي اڳوڻو صدر آهي، ڇا ادارا سمجهن ٿا ته اهي ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏيندا؟

عدالت پوليس کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد تي سياست ۾ حصو وٺڻ تي ڪيس هلي رهيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائندي ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ هو ته هو ملڪ لاءِ هميشه ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي.

عارف علوي چيو ته عدالت سنڌ حڪومت، ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو آهي ته هن خلاف ڪيترا ڪيس آهن، ته جيئن ضمانت ڏني وڃي.

هن چيو ته عدالت مذاق ڪندي چيو آهي ته ڇا اڳوڻو صدر ڪنهن کي قتل نه ڪري ڇڏي ها.

عارف علوي چيو ته سينيئرن جي ادا ڪيل ڪردار جي ايتري عزت نه ڪئي ويندي آهي جيتري جونيئر جي، اهي پنهنجي آفيسرن جي عزت ڪندا آهن.

اڳوڻي صدر عارف علوي چيو ته هو هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ملڪ لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪرڻ  کان پوئتي نه هٽندو.

اي پيپر