سنڌ هاءِ ڪورٽ اين ٽي ايس کي وڌيڪ ٽيسٽ وٺڻ کان روڪي ڇڏيو

November 24, 2017 at 5:29 am

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيشنل ٽيسٽنگ سروس کي اعليٰ تعليمي ادارن ۽ سرڪاري نوڪرين لاءِ اميدوارن کان ٽيسٽ وٺڻ تي روڪي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽيز ۾ داخلا لاءِ اين ٽي ايس ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ جي معاملي تي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت اين ٽي ايس کي ٽيسٽ وٺڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته جيستائين ڪيس جو فيصلو نه ٿو ٿي تيستائين حڪومت اين ٽي ايس جي ٽيسٽ لاءِ نئين تاريخ جو اعلان نه ڪري. اين ٽي ايس جي وڪيل چيو ته ڪنهن به شاگرد طرفان اين ٽي ايس جو پرچو آئوٽ ٿيڻ جي شڪايت نه ڪئي وئي آهي، سياستدانن طرفان اداري کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، اٿارٽي معاملي جي جاچ ڪئي پر ڪنهن جي به غفلت سامهون نه آئي آهي. ڌرين اين ٽي ايس ٽيسٽ جي معاملي تي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ تي وڌيڪ مهلت طلب ڪري ورتي. صحت واري سيڪريٽري چيو ته ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ جاچ مڪمل ڪئي ويندي، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

اي پيپر