سنڌ هاءِ ڪورٽ آصف زرداريءِ جي ويجھڙي دوست خان محمد چاچڙ جي ضمانت واري درخواست تي ڪيس جا تفصيل طلب

ڪراچي (اين اين آءِ)سنڌ هائي ڪورٽ آصف زرداريءَ جي ويجھي دوست خان محمد چاچڙ جي ضمانت واري درخواست تي دهشتگردي خاتمي واري عدالت ۾ هلندڙ ڪيس ٽرائيل جي تفصيل طلب ڪري ورتي آهي. جمعي تي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ خان محمد چاچڙ جي هٿيارن جي هٿ ٿيڻ بابت ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. فريادي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ان جو موڪل جي خلاف ڪيس ڪوڙو آهي. جنهن قبر مان هٿيار هٿ ڪري ڏيکاريا ويا اها قبر ننڍي ۽ هٿيار وڌيڪ آهن، ان ننڍي قبر ۾ راڪيٽ لانچر ۽ گولا بارود نه ٿو رکي سگھجي ڪيس جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مشتاق جهانگير عدالت جي اڳيان موڪف اختيار ڪيو ته محمد خان چاچڙ هٿيار قبرستان ۾ لڪائي رکيا هئا. رينجرز جوابدار جي نشاندهي تي هٿيار هٿ ڪيا. اهي هٿيار قتل دهشتگردي ۾ استعمال ٿيڻا هئا. جوابدار جي خلاف ٻن گواهن بيان ريڪارڊ ڪرائي چڪاآهن، ان لاءِ درخواست آهي ته جوابدار کي ضمانت نه ڏني وڃي. ٻڌڻي دواران جسٽس صلاح الدين ريمارڪس ڏنا ته وڪيل کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي جڳهه تي ڪيترا هٿيار لڪائي سگھجن ٿا. عدالت ڪيس ٽراِئيل جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *