ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جي خريداري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ٻڌني دوران سنڌ حڪومت پاران ڪمند جي اگهه مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙجي پئي سومر تي جسٽس عقيل جي
سربراهي ۾ ٿيل ٻڌڻي ۾ جسٽس عقيل سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ حڪومت ڪمند جي قيمت جي تعين جو نوٽيفڪيشن عجيب نموني سان جاري ڪيو آهي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ آبادگار هميشه وانگر هيران ۽ پريشان رهجي ويا ڪنهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڀني کي خبر اهي ته شگر ملز ڪنهن جي ملڪيت اهي جسٽس عقيل موقف اختيار ڪيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته هاڻي جڊيشل سسٽم ۽ عدليه جي خلاف ڳالهيون شروع ٿي وينديون اسان اهڙين حالتن کان نه ڊڄنداسين ڀلي 5 هزار ماڻهن به اچڻ پر فيصلو قانون مطابق ٿيندو ٻڌڻي دوران جسٽس عقيل سرڪاري وڪيل کي چيو ته ڪابينه مان منظوري وٺڻ بنا نوٽيفڪيشن ڪيئن جاري ٿيو سنڌ جي وڏي وزير کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي ڪابينه جي نمائندگي ڪير ڪري ٿو چيف سيڪريٽري اچي وضاهت ڪري ٻڌڻي جي پڄاڻي تي عدالت چيف سيڪريٽري کي 11 وڳي طلب ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.