سنڌ هاءِڪورٽ  اي ڊي خواجا کي عهدي تي بحال ڪندي سردار عبدالمجيد کي فوري طور عهدو ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ الله ڏنو خواجا آءِ جي کي عهدي تي بحال ڪندي سردار عبدالميد کي فوري طور عهدو ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي جبري طور هٽائڻ تي توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي موقف اختيار ڪيو ته اي ڊي خواجا جو تقرر مارچ 2016ع ۾ پوليس ايڪٽ جي تحت ڪيو ويو هو، ان کان اڳ به اي ڊي خواجا کي جبري طور هٽايو ويو هو. عدالتي حڪم جي باوجود آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي هڪ ڀيرو ٻيهر هٽايو ويو جيڪو توهين عدالت آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي سردار عبدالمجيد کي چارج اي ڊي خواجا کي فوري طور واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *