سنڌ نيشنل پارٽي نيب کي سنڌ ۾ روڪڻ لاءِ پاس ڪيل بل کي سنڌ دشمن قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (پ.ر) سنڌ نيشنل پارٽي نيب کي سنڌ ۾ روڪڻ لاء پاس ڪيل بل کي سنڌ دشمن بل قرار ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي ڪرپشن مافيا جي اشاري تي سنڌ کي کنڊرات ۾ تبديل ڪرڻ گهري ٿي.  سنڌ ۾ نيب کي روڪڻ لاء پاس ڪيل بل جو مقصد پيپلز پارٽي جي وزيرن مشيرن جي ڪرپشن تي پردو وجهي خوشحال سنڌ جي وسيلن کي بي دردي سان لٽڻ جي ڪوشش آھي حڪمرانن جي ان عمل خلاف سنڌ دوست ڌرين کي آواز بلند ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظھار سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو. پروفيسر سچل ڪلوڙ. الطاف مهر. ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ . غلام رسول معرفاڻي . احمد سومرو ۽ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته اهڙي سنڌ دشمن بل پاس ڪرڻ مان صاف ظاهر ٿي رهيو آھي ته  پيپلز پارٽي کي سنڌ جي خوشحالي کان وڌيڪ ڪرپشن ڪندڙ ٽولو عزيز آھي ۽ پيپلز پارٽي هاڻي عوامي نه پر ڪرپشن مافيا جي پارٽي بڻجي چڪي آھي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌي عوام پيپلز پارٽي کي ان ڪري ووٽ ڏيئي اقتدار جي منصب تائين نه پهچايو ته اهي ڪرپشن  ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري. پارٽي جي ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان ۾ هنن وڌيڪ چيو ته بل جي مخالفت ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران 9 جولاء تي اعلانيل احتجآجي مظاهرن جي حمايت جو اعلان ڪندي سنڌ جي تمام سياسي ڪارڪنن ساڃآھ وند ڌرين کي ان بل خلاف اعلانيل احتجاج کي ڪامياب ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته پاس ڪيل خلاف سگهاري جدوجهد جي اشد ضرورت  آھي تنهن ڪري تمام ڌرين کي هڪ آواز ٿيڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *